SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گهڻ- ڌريو سرشتو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


گهڻ- ڌريو سرشتو

Multilateralism

ملٽي ليٽرلزم

هن سياسي اصطلاح جو مقصد ماحوليات، واپار، حفاظت ۽ بين الاقوامي سياست جي ٻين شعبن ۾ مُختلف ملڪن طرفان پاليسين تي اهڙي سهمتيءَ جو هجڻ آهي، جنهن تحت مختلف ملڪ گڏجي ڪنهن مسئلي تي هڪجهڙو مؤقف اختيار ڪن. گڏيل قومون ۽ يورپي يونين ان تصور هيٺ وجود ۾ آيون. هن سرشتي کي سويڊن، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جهڙين وچولين طاقتن (Middle Powers) جي حوالي سان وڏي مڃتا ملي. ڇاڪاڻ ته وڏيون طاقتون هڪ قطبي سرشتو (Unilateralism) کي پسند ڪندي عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي هڪ-هٽي پسند ڪنديون آهن. هن اصطلاح جو ٻيو مکيه مقصد، ڪن به ٻن طاقتن پاران گڏجي تي ائٽمي هٿيار گهٽائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ عالمي امن کي سگهارو بنائڻ آهي. اهو اصطلاح ٿڌي لڙائيءَ دوران سوويت يونين ۽ آمريڪا جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور ٿيو. هڪ نيتيءَ (Policy) جي لحاظ کان ان نظام جو تعلق بالادستي ۽ قيادت سان آهي. جيڪو ڪنهن به هڪ سگهاري طاقت بدران مُختلف ڌُرين ۾ ورهايل هُجي ٿو. جيئن ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ بين الاقوامي سياسي سرشتو ڪنهن هڪ يا ٻن رياستين جي بدران برطانيا، فرانس، جرمني، آمريڪا، اٽلي، جپان، سوويت يونين ۽ جرمني وغيره ۾ هڪ- ڪرو ورهايل هو. ان اصطلاح جو استعمال سڀ کان اڳ برطانيا ۾ ٿيو، جڏهن 1983ع ۾ چونڊ مهم دوران لئبرپارٽيءَ هن نظريي جي پٺڀرائي ڪئي


Remember Me Also:

آڀار ڏيڻ

هُشِي ڏيڻ ، چَاڙُهه ڏيڻ. بيجا تعريف ڪري پڏائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal